نواز شريف ڪرپشن خلاف قدم کڻندو ته پاڻ پڪڙجي پوندو: عمران خان

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جيڪڏهن ڪرپشن خلاف قدم کڻندو ته پاڻ پڪڙجي پوندو، ميان صاحب جي رهندي ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿي سگهي، حڪمرانن جو هڪ ننڍڙو ٽولو مني لانڊرنگ ڪري عوام کي غريب ڪري رهيو آهي، جلسي کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف! ڪرپشن رڳو اوهان جي ذاتي بينڪ اڪائونٽس ۾ ٿيندي آهي، فيڪٽريون ۽ فليٽ بڻجندا آهن پر غريب عوام وڌيڪ غريب ٿي ويندو آهي، حڪمرانن جو ڪم رڳو اهو آهي ته اهي پئسا ڪمائن ۽ ٻاهرين ملڪ موڪليندا رهن، جڏهن ته بعد ۾ ضرورت پوڻ تي ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ قرض وٺن ۽ پوءِ ان قرض کي واپس ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لڳايا ويندا آهن، جنهن جو سڌو سنئون اثر غريب عوام تي پوندو آهي، پر اسان کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان جيترا قرض وٺندا آهيون، اوتري ئي پنهنجي آزادي وڃائيندا وينداسين ۽ جن کان اسان قرض وٺي رهيا آهيون اهي اسان کي ايران کان گئس وٺڻ جي اجازت نٿا ڏين، اڄ اسان تمام اهم موڙ تي بيٺا آهيون، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي قرض وٺي غلام بڻجي رهڻو آهي يا پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻو آهي، هن چيو ته اهي قومون ئي ترقي ڪنديون آهن، جن جا ادارا مضبوط هوندا آهن ۽ ادارا ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ سان ئي مضبوط ٿيندا آهن پر ميان صاحب اوهان ڪرپشن روڪڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهو، ڇو ته جيڪڏهن ڪرپشن جو خاتمو ڪندئو ته پهرين پاڻ پڪڙيا ويندئو ۽ جيڪڏهن نيب کي ٺيڪ ڪندئو ته اوهان جا وڏا وڏا دوست پڪڙ ۾ اچي ويندا، جڏهن ته انهن جي پنهنجي خلاف نيب ۾ 13 ڪيسز هلي رهيا آهن، پر ميان صاحب! اوهان جي هوندي ڪرپشن نٿي ختم ٿي سگهي، ملڪ جي ادارن مان جيڪڏهن ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته سيڙپڪار پئسو کڻي ايندا آهن، جنهن سبب روزگار ۾ اضافو ٿيندو آهي.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply