جمهوري تسلسل برقرار رکڻ لاءِ سياسي پارٽين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: ارباب غلام رحيم

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيوآهي ته ملٽري اسٽيبليشمينٽ جمهوري نظام کي مضبوط ۽ تسلسل برقرار رکڻ لاءِ پنهنجوڪردار ادا ڪيو آهي، جمهوريت کي برقرار رکڻ لاءَ هاڻي سياسي اڳواڻن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته جهموريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملڪ ۾ شفاف چونڊون ضروري آهن. سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب غلام رحيم چيو ته هن وقت ملڪ جي سرحدن جون حالتون نازڪ مرحلي مان گذري رهيو آهن، سويلين ۽ عسڪري ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، اڳوڻي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسمبلي جي آخري سال سڀني کي جهموريت جي بقا لاءِ هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي ڪا به غلطي ٿي ته جهموريت کي نقصان ٿي سگهي ٿو، مان فلحال ن ليگ جو حصو آهيان، هن چيو ته ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل نه ٿي رهيو آهيان، مسلم ليگ ن اڃان به سنڌ جي مسئلن طرف ڌيان نه ڏنو ته موٽ ٻيو آپشن پڻ موجود آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، جنهن جو پاڻ وزير اعظم بيان ڏئي ثابت ڪيو آهي ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل آهي .

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply