سوشلسٽ ايمانوئل ميڪخوان فرانس جو نئون صدر چونڊجي ويو، حامين جو جشن

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي صدارتي چونڊن ۾ سوشلسٽ ايمانوئل ميڪخوان واضح سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. فرانسيسي صدارتي چونڊن جي نتيجن موجب ميڪخوان قومپرست اميدوار ميري لي پين کي 35 جي مقابلي ۾ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جيڪڏهن اهي نتيجا آخري ثابت ٿيا ته ميڪخوان 1958ع کانپوءِ ملڪ ۾ ٻن وڏين پارٽين کي شڪست ڏيندڙ پهريون صدر هوندو ۽ ملڪ جي گهٽ عمر واري صدر جو اعزاز به حاصل هوندو. صدارتي چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پنهنجي پهرين پيغام ۾ ايمانوئل چيو ته فرانس ۾ اميد ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته چونڊن محب وطن ۽ گلوبلسٽ وچ م فرق کي ظاهر ڪيو آهي. يورپي ڪميشن جي سربراهه ين ڪلاڊينڪر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته  کيس خوشي آهي ته فرانسيسين يورپ جي مستقبل جي چونڊ ڪئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ٽوئيٽر تي نئين چونڊيل صدر کي واڌايون ڏنيون. هن چيو ته ايمانوئل کي فرانس جي ايندڙ صدر طور ڪاميابي جي وڏي ڏينهن جون واڌايون هجن، هو ساڻس گڏجي اڳتي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. جرمن چانسلر انجيلا مرڪل چيو ته ايمانوئل مضبوط ۽ متحد يورپ لاءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته فرانس سندن ويجهن اتحادين مان هڪ آهي ۽ هو نئون صدر سان ڪم جاري رکندا.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply