عمران خان کي ڀڄڻ بدران سمورن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا: مريم اورنگزيب

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي الزامن جو جواب سپريم ڪورٽ ۾ ڏيڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ادارن ۽ ماڻهن تي الزام هنيا، سندس وڪيل هر عدالت ۾ وڃي معافيون وٺي رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان سمورو وقت ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ضايع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته خان صاحب بهانو ڪري پنجاب ۾ وڏي وزير شهباز شريف ۽ وزيرن جا جا ڪم ڏسڻ ويندو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ کان ڀڄڻ لاءِ روڊن جي چونڊ ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ اڄ وڏي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. هن چيو ته عمران خان پنهنجا ڪوڙ عوام تائين پهچائڻ لاءِ روزاني ننڍيون جلسيون ڪندو آهي، کيس ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڀڄڻ مان ڪو به فائدو نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان تي جيترا سوال اٿي رهيا آهن تنهن جو کيس جواب ڏيڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي ڳالهائڻ سان کيس نقصان ۽ ٻين کي فائدو ٿيندو آهي، پشاور ۾ احتساب ڪميشن کي تالو هنيو ويو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجو جواب ڇو نه جمع ڪرائي رهيو آهي؟ هن چيو ته عمران خان خالي ڪرسين کي خطاب ڪرڻ سان گڏ جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جو انتظار تي ڪي پي جو عوام ڪري رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان 2013ع کان بدتميزي جي سياست شروع ڪئي ۽ اڄ وري پاڻ بداخلاقي کي منهن ڏئي رهيو آهي.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply