مخالفن جي گارين جو جواب عوام 2018ع جي چونڊن ۾ ڏيندو: راڻا ثناءَ الله

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته مخالفن جي گارين جو جواب پاڪستاني عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽن سان ڏيندو. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته مخالفن وٽ گاريون ڏيڻ ۽ تنقيد ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي. هن چيو ته عمران خان ميٽرو بس رٿا کي گاريون ڏيندي پاڻ پشاور ۾ ميٽرو بس جي رٿا تيار ڪئي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي اڳڪٿين کي قوم سمجهي چڪي آهي. راڻا ثناءَ الله چيو ته واٽس اپ ذريعي نقل عام مسئلو آهي جنهن کي پنجاب ۾ منهن ڏنو ويو آهي. هن چيو ته واٽس اپ ذريعي نقل جو حل آءِ ٽي ۾ موجود آهي، شهباز شريف وٽ معاملي جي حل جو نسخو آهي، سنڌ جو وڏو وزير ساڻس رابطو ڪري.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply