پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي پئٽروليم وزارت ۽ اوگرا جي اختيارين کي نوٽيس جاري

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي بابت ڪيس ۾ اوگرا اختيارين ۽ پيٽروليم وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستگذار اظهر ايڊووڪيٽ طرفان پئٽرول جا اگهه گهٽ نه ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ هئڻ باوجود پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪئي وئي آهي پر 2 سيڪڙو اضافي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن سان عوام تي وڌيڪ بار پيو آهي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري. عدالت پيٽروليم ۽ اوگرا جي اختيارين کي مئي جي ٽئين هفتي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply