نيپرا ايڪٽ ۾ صوبن کي اختيار ڏنو وڃي ته اهي پنهنجي بجلي پيدا ڪن: مراد علي شاهه

0
Want create site? Find Free WordPress Themes and plugins.

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيپرا ايڪٽ ۾ صوبن کي اختيار ڏنو وڃي ته اهي پنهنجي بجلي پيدا ڪن، هن چيو ته صوبا پنهنجا پاور پلانٽس ۽ ترسيلي نظام بڻائي ٽيرف طئي به ڪري سگهن، وڏي وزير چيو ته خواجا آصف جو شڪر گذار اهيان، منهنجي تجويز تي اتفاق ڪيو اهي، هن چيو ته بجلي بحران جو خاتمو چاهيون ٿا، سنڌ ۾ 18 ۽ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اسيمبلي جي فلور تي جيڪو چيو اهو اسان جو آئين جي آرٽيڪل 158 تحت حق آهي، هن چيو ته اسان جا ڪجهه خدشا هيا، جن جو اظهار اجلاس ۾ ڪيو.

Did you find apk for android? You can find new Free Android Games and apps.
Share.

About Author

Leave A Reply