September 23, 2021

صوبائي وزير سيد ناصر شآهه جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس علامه حسين مسعودي، سيد شبر رضا، مولانا صادق جعفري، علامه سيد عرفان عابدي شرڪت ڪئي محرم الحرام جي دوران مسئلن جي نشاندهي لاءِ اجلاس گهرايو هو:ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)  مذهبي معاملن، مڪاني کاتي ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي انتظامن،  امن ۽ امان جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ علامه حسين مسعودي، سيد شبر رضا، مولانا صادق جعفري، علامه سيد عرفان عابدي، علامه سيد اصغر نقوي، علامه ثقلين حيدر، سيد ڪرار نقوي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص معاون وقار مهدي، مذهبي معاملا واري وزير جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر علامه جميل راٺوڙ، گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي لئيق احمد، ايم ڊي واٽر بورڊ اسدالله، ڊي آئي جي سي آئي ڊي ڪراچي نعمان صديقي ۽ ٻين آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته محرم الحرام جي دوران مختلف مسئلن جي نشاندهي ان جي حل لاءِ هي اجلاس گهرايو ويو آهي. ان حوالي سان اڄ شروعاتي اجلاس آهي جڏهن ته ٻيو اجلاس وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ محرم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان وزير اعليٰ جو خاص معاون وقار مهدي نگراني ڪندو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان پوري صوبي ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر پڻ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ملي ڪري اجلاس منعقد ڪندا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پوليس، رينجرز سميت قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي مدد سان جامع فول پروف سيڪيورٽي انتظام لاءِ پلان مرتب ڪيو ويندو. سيد ناصر حسين شاهه ٻڌايو ته امام بارگاهن ۽  جلوسن جي گذر گاهن تي صفائي جا خاص انتظام ڪيا ويندا، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي لاءِ واٽر بورڊ جي انتظاميا کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.. ان موقعي تي علماء ڪرام سنڌ حڪومت جو شڪريه ادا ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جا ٿورائتا  آهيون انهن صحيح  وقت تي اجلاس طلب ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ به ان حوالي سان سٺا قدم کنيا هئا ۽ هن دفعي به مناسب انتظام ڪيا ويندا ۽ ان حوالي سان اسان سڀ سنڌ حڪومت سان هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي علماء ڪرام پاران مطالبا ڪيا ويا ته ضلعي سطح تي علماء ڪرام جون ڪميٽيون جوڙيون وڃن، جڏهن ته هر سال عالم سڳورن جي مختلف ضلعن ۾ داخلا تي پابندي هڻڻ واري لسٽ جيڪا پهرين محرم الحرام تي جاري ڪئي ويندي آهي اها اڳ ۾ جاري ڪئي وڃي، ته جيئن مجلسون ان مطابق منعقد ڪيون وڃن. هنن چيو ته ڪراچي سينٽرل جيل ۾ گذريل 20 سالن کان عزاداري ٿيندي رهي آهي پر گذريل ٻن سالن کان ان تي پابندي آهي، انهيءَ پابندي کي ختم ڪري سڀني جيلن ۾ عزاداري جي اجازت ڏني وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته گذريل سال سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ گهرن ۾  مجلسون منعقد ڪرڻ تي ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون هيون، هن سال اهو سلسلو ختم ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون،  هنن چيو ته جن عالم سڳورن کان سڪيورٽي  واپس ورتي وئي آهي ان فيصلي تي به نظرثاني ڪئي وڃي. ان موقعي تي سيد ناصر حسين شاهه کين يقين ڏياريو ته اجلاس ۾ موجود انتظاميا سمورا مسئلا ٻڌا آهن ۽ هن هدايت ڪئي ته آفيسر سمورا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته ضلعي سطح تي پيس ڪميٽيون جوڙيون وينديون جن ۾ سمورن مڪتب فڪر جي علماء ڪرام کي شامل ڪيو ويندو. صوبائي وزير مذهبي معاملا سيد ناصر حسين شاهه آفيسرن تي زور ڀريو ته سمورن مسئلن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي ۽ ذميواري ڪنهن ٻئي تي منتقل نه ڪئي وڃي. ڪنٽونمنيٽ بورڊ جا علائقا هجن يا ٻئي ڪنهن جا ڪم اسان کي ئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز جا ايڊمنسٽريٽر علائقن جو دورو ڪري، انتظامن کي يقيني بڻائين. هن عالم سڳورن کي اپيل ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، ۽ خطبن ذريعي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ لاءِ قائل ڪيو وڃي. هن چيو ته عالم سڳورن جي مشوري سان سنڌ حڪومت ويڪسين سينٽرز پڻ قائم ڪندي. هن انتظاميا تي زور ڏيندي چيو ته مان پاڻ علائقن جو دورو ڪندس ۽ جيڪڏهن انتظامن ۾ ڪوتاهي نظر آئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ايف آئي آر، فورٿ شيڊول ۽ فائر برانڊ  اسپيڪرز  وارن معاملن تي گهرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري الگ سان اجلاس منعقد ڪندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published.