September 23, 2021

دادوجي سماجي ڪارڪن عباس وگهيو خلاف احتجاج

مسمات ڦاپل وگهيوسماجي اڳواڻ خلاف دانهيو

عباس وگهيو  2 سال اڳ دادو ۾ الشهباز موٽر سائيڪل لاءِ پئسا ڏنا آهن

دادو(ڊ ر:) دادوجي سماجي ڪارڪن عباس وگهيو خلاف مسمات ڦاپل وگهيو احتجاج ڪندي دانهيو  آهي ته عباس وگهيو  2 سال اڳ دادو ۾ الشهباز موٽر سائيڪل اسڪيم جي مالڪ اياز سومرو سان گڏجي سي ڊي 70 موٽر سائيڪل  40 هزار روپين ۾ ڏيڻ بهاني ايجنٽي ڪندو هو جنهن کي منهنجي پٽن شاهجهان ۽ فهد وگهيو 30 لک روپيه اسڪيم لاء ڏنا جنهن کان پوء ڪجھ مهيني بعد اياز سومرو ۽ ان جا ايجنٽ رات جي اندهيري ۾  فرار ٿي ويا هئا، هن چيو ته عباس وگهيو منهنجو ڀائيٽو آهي جنهن 2 سال اڳ اسان جي گهر اچي اسان کي ڪروڙ پتي ٿيڻ جا خواب ڏيکاريندي اسڪيم لاء  منهنجن پٽن کان 30 لک روپيه ورتا آهن، هاڻ پيسا گهرڻ تي منهنجي پٽن مٿان تشدد ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته عباس پيسا به اسان جا هڙپ ڪري ويٺو آهي ۽ ڪيس به اسان مٿان داخل ڪرائي رهيو آهي، مسمات ڦاپل وگهيو چيو ته منهنجي پٽن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو ذميوار عباس وگهيو ۽ ان جا 2 ڀائر هوندا، ٻي طرف سماجي ڪارڪن عباس وگهيو رابطي تي ٻڌايو ته ڪجھ وقت اڳ رئيس شاهنوز چانڊيو اسان ٻنهي ڌرين وچم فيصلو ڪيو هو  ۽ هو ان فيصلي کي مڃڻ لاء تيار نه آهن، عباس وگهيو چيو ته مون مٿان لڳل الزام غلط آهن متاثر ڌر جتي به فيصلو رکرائڻ چاهي مون کي قبول آهي، جيڪڏهن  ڏوهي ٿيس ته پيسا ڀري ڏيندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published.