September 23, 2021

سنجهورو لڳ ڪرڪلي شاخ تي پھريون پاڪ فوج زنده باد نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ

1 min read

 مشھور ڪامنٽيٽر ڊي ڊي حڪيم چند سردار صدام ٻگھيو جي ميزباني ھيٺ ٿي گذريو

25 ٽيمن حصو ورتو, جي ايم ڪائونٽي شھدادپور ۽ سپرڪنگ سنجھورو جي درميان فائنل جو مقابلو ٿيو

صدام ڏاھري  شارٽ کيڏي 48 رنسن بھترين انگز کڏي ڪرڪيٽ شوقينن کان خوب داد وصول ڪيو

سنجهورو( رپورٽ :الطاف حسين رند))سنجهورو لڳ ڪرڪلي شاخ تي پھريون پاڪ فوج زنده باد نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ چيف آرگنائيز سانگھڙ ضلعي  جو مشھور ڪامنٽيٽر ڊي ڊي حڪيم چند سردار صدام ٻگھيو جي ميزباني ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ ضلعي سانگھڙ جي 25 ٽيمن حصو ورتو,جڏھن ته جي ايم ڪائونٽي شھدادپور ۽ سپرڪنگ سنجھورو جي درميان فائنل جو مقابلو ٿيو جي ايم ڪائونٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرره5 اورن 82رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو بھترين راند جو مظاھرو ڪندي صدام ڏاھري  گرائونڊ جي چئني طرفن شارٽ کيڏي 48 رنسن بھترين انگز کڏي ڪرڪيٽ شوقينن کان خوب داد وصول ڪيو سپرنگ سنجهورو ٽيم  82 رنسن جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي مقرره 5 اورن 4وڪيٽن جي نقصان 52 رنسن تي ڍير ٿي وئي   فائنل کٽيندڙ ٽيم جي  ڪئپٽن کي مھمان خاص فنڪشنل ليگ تعلقي سنجهورو جي نائب صدر  فقير جميل احمد وساڻ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم   نريش ڪمار کي ڪيش انعام ۽ ٽافي ڏيندي جڏھن ته رنر ٽيم جي ڪئپٽن راڻا عابد کي فھد علي جٽ رنر ٽافي ۽ ڪيش انعام ڏنا بھترين راند جو مظاھرو ڪرڻ ته صدا ڏاھري کي   مين آف دي ميچ جو انعام ڏنو ويو ان موقعيh ته فنڪشنل ليگ تعلقي نائب  صدر  فقيرجميل  وساڻ ڳالهائيندي چيو ته راندين سان معاشري ۾ امن ۽ ڀائچاري جو درس ڏين ٿيون مونکي خوشي آھي ته اسان جي نوجوانن ۾ بھترين ٽيلنٽ آھي جڏھن ته ھي ٽورنامنٽ غيرسياسي سياست کان پاڪ کيڏيو ويو آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published.