September 23, 2021

سنڌ حڪومت پاران ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا

 

آر او پلانٽس جي هلندڙ ڪم کي 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪرڻ جون هدايتون

خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي، ڪجھ اسڪيمون سست روي جو شڪار آهن

خيرپور شهر جي خراب صورتحال جا ذميوارن ۽ لاپرواهي ڪندڙن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو:اجلاس کي خطاب

خيرپور(رپورٽ عامر عباسي )پيئٽروليم سوشل ڊولپمنٽ ڪميٽي جي چيئرپرسن  ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران عوام جي ڀلائي خاطر ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ جاري ٿيندا رهن ٿا ان جي باوجود خيرپور شهر جي حالت ناهي سڌري سگهي، ڪجھ اسڪيمون سست روي جو شڪار آهن اهڙي صورتحال برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي جلد مڪمل ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن متعلق ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو. گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري پيئٽروليم سوشل ڊولپمنٽ ڪميٽي /ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو، ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، ايم پي اي نعيم کرل، ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو، اي ڊي سي ٽو اقبال حسين جنڊاڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور صفدر علي ميراڻي،  ورڪس اينڊ سروسز ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن، ايجوڪيشن ورڪس، انفارميشن آفيسر عبدالقيوم سولنگي سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ عملدرارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته خيرپور ضلعي ۾ ڪجھ ترقياتي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن جن کي جلد مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي ايڪسيئن ساجن مل کي چيو ته خيرپور شهر جي خراب صورتحال جا ذميوارن ۽ لاپرواهي ڪندڙن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، پنهنجي ڪارڪردگي درست ڪري شهر جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته آر او پلانٽس جي هلندڙ ڪم کي 15 ڏينهن اندر مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ترقياتي اسڪيمن جو ڪم رڪجڻ نه گهرجي جڏهن ته ڪم جي رفتار کي تيز ڪري معيار کي بهتر بڻايو وڃي ترقياتي اسڪيمون جلد از جلد مڪمل ٿي سگهن ته جيئن عوام کي لاڀ حاصل ٿئي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ جيڪي به ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن انهن جي نگراني ڪري رهيا آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published.