September 23, 2021

سومر ڏينهن کان سکر۔ گهوٽڪي ۔خيرپور ضلعن ۾ شروع ٿي ويا ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي انتظام هيٺامتحان شروع ڪيا ويا

سکر بورڊ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ انٽر جي امتحان لاء 101 سينٽر قائم ڪيا ويا آھن

ڪاپي کي روڪڻ لاء 21 انسپيڪشن ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻنديون

سکر(رپورٽر) ثانوي و اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي انتظام هيٺ (انٽر) ٻارهين جمائت جا امتحان سومر ڏينهن کان سکر۔ گهوٽڪي ۔خيرپور ضلعن ۾   شروع ٿي ويا سيڪريٽري بورڊ سکر محمد رفيق پلھ موجب سکر بورڊ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ انٽر جي امتحان لاء 101 سينٽر قائم ڪيا ويا آھن پهرين ڏينهن تي فزڪس جو پيپر ڏيڻ  لاء 31756 شاگردن ۽ شاگردياڻن امتحاني سينٽرن تي آيا جڏهن ته سکر  بورڊ طرفان ڪاپي کي روڪڻ لاء 21 انسپيڪشن ٽيمون جوڙيون ويون آھن جيڪي امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي ڪاپي ڪندڙن جا موبائيل فون به ضبط ڪيا آھن ۽ امتحاني سينٽرن جي حدن ۾ 144 به لاڳو ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آھي 101 امتحاني سينٽرن مان خيرپور ضلعي ۾ 51 ۔سکر ضلعي اندر 28 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 22 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آھن۔ڪاپي جي روڪ ٿام لاء جوڳا قدم کنيا ويا آھن

Leave a Reply

Your email address will not be published.