September 23, 2021

سکر شهر بدامني جي ور چڙهي ويو ڏوهي وارداتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو

 

24 ڪلاڪن دوران ڦر ۽ چورين جي وارداتن ۾ 13 لکن کان وڌيڪ رقم کان شھري محروم

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميڊيسن مارڪيٽ ۾ اڻڃاتل چور رات دير سانچوريون ٿيون

بيراج ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن اليڪٽرڪ جي دوڪان مان چوري

سکر ( رپوٽر) سکر شهر بدامني جي ور چڙهي ويو ڏوهي وارداتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو 24 ڪلاڪن دوران ڦر ۽ چورين جي وارداتن ۾ 13 لکن کان وڌيڪ رقم کان شھري محروم ٿي ويا خبر موجب سکر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميڊيسن مارڪيٽ ۾ اڻڃاتل چور رات دير سان 8 دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان ۽ رقم چوري ڪري ويا۔جڏهن ته ساڳئي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ منور مسجد لڳ نا معلوم چور فراز خان جي گهر ۾ داخل ٿي اڍائي لک روپيا چورائي ويا رهواسين جو چوڻ آھي ته فراز خان ايزي پيسا لوڊ جي مانڊلي هلائيندو آھي سندس غير موجودگي ۾  نامعلوم چور چوري ڪري ويا آھن ٻئي پاسي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بيراج ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 4 هٿياربندن اليڪٽرڪ جي دوڪان ۾ اندر گهڙي دوڪان مالڪ فرحت الله آخوند  کي يرغمال بڻائي ڏھ لک روپيا ڦُر ڪري فرار ٿي ويا،  جڏھن ته آباد ٿاڻي جي حد مان بنگلي جي ٻاهران بيٺل محرم شر جي  موٽر سائيڪل چور چوري ڪري فرار ٿي ويا  شھرين پاران شھر ۾ ڦر۔چورين جي وڌنڌڙ وارداتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چوڻ آھي ته سکر شهر بدامني جي ور چڙهي ويو آهي دوڪانن تالا ٽوڙي چوري ڪرڻ ۽ دوڪانن تان ڦُر ڪرڻ جو وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن جنهن سبب هو عدم تحفظ جو شڪار آھن شھرين  ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان گهر ڪئي آھي ته ڦُر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦُر ڪيل رقم واپس ڪرائي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ شهرين ۽ دوڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published.