August 13, 2022

وامي تحريڪ سکر جي اڳواڻ ابراهيم سارنگ جي ٽين ورسيتقر يب

 

سکر (رپورٽر) عوامي تحريڪ سکر جي اڳواڻ ابراهيم سارنگ جي ٽين ورسي جي مناسبت سان تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو، سڀ کان ابراهيم سارنگ جي مزار تي وفد جي صورت ۾ حاضري ڀري گل نڇاور ڪيا ويا. بعد ۾ شرف آباد ۾ ورسي تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ ابراهيم سارنگ جي زندگي ۽ سياسي جدوجهد تي روشني وڌي ويئي ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ورسي پروگرام کي مخاطب ٿيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي، ضلعي صدر ذوالفقار ميراڻي، حيدر شاھ، سائين ابراهيم سارنگ جي فرزند ڊاڪٽر اياز، قومي ۽ انقلابي شاعر ذاهد شيخ ۽ پروفيسر امجد چنه چيو ته ابراهيم سارنگ آدرشي ۽ نظرياتي  اڳواڻ هو. هو ثابت قدمي سان آخري دم تائين پنهنجي پارٽي، نظريي مظلوم عوام سان گڏ بيٺو رهيو. هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، ورسي پروگرام ۾ مهراڻ سنڌي، مهتاب بلوچ، احسن بلو، خالد ٻانڀڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ قومي شاعر ذاهد شيخ طرفان قومي گيت پيش ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو.

2 thoughts on “وامي تحريڪ سکر جي اڳواڻ ابراهيم سارنگ جي ٽين ورسيتقر يب

  1. An outstanding share! I’ve just forwarded this on to a buddy who were conducting a little analysis on this. And he actually bought me breakfast resulting from The point that I discovered it for him… lol. So allow me to reword this…. Thanks with the meal!! But yeah, many thanks for paying some time to discuss this subject in this article on your internet site.

Leave a Reply

Your email address will not be published.

Follow by Email
YouTube
YouTube