September 23, 2021

ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪيميڪل جي کير فروخت ڪرڻ وارن خلافاحتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (ڊر ) ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪيميڪل جي کير فروخت ڪرڻ وارن خلاف سنڌ فوڊ اٿارٽي ٽيم پاران ڇاپا ملاوٽ ڪندڙن مٿان ڏھ ھزار جرمانو لاڳو ڪيو ويو تفصيل موجب : عوام جي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پاران سندھ فوڊ اٿارٽي لاڙڪاڻي جي ٽيم گھرائي ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي فوڊ اٿارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڊائريڪٽر عائشه جوڻيجو جي ٽيم سول اسپتال جي سامھون کير وڪرو ڪندڙ دڪاندار بشير وٽ ڇاپو ھنيو جتي کير جي چڪاس ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته کير ۾ پائوڊر مڪس ٿيل آھي جنھن پوء ڏھ ھزار رپين جو جرمانو لاڳو ڪيو ڪاروائي ۾ مختيار ڪار شوڪت بنگوار ۽ ڊي سي جي اسسٽنٽ شوڪت سومرو ۽ پوليس شامل ھئي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي چيو ته شھر جي مختلف علاقن ۾ کير جا سيمپل ھٿ ڪيا ويا جن جوڻ ٽيسٽ کان پوء انھن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا

Leave a Reply

Your email address will not be published.