September 23, 2021

ھوسڙي لڳ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي مرڻينگ ڪري ڇڏيو

ھوسڙي  رپوٽر(ن۔نجات)ھوسڙي لڳ رونگ سائيڊ کان ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. نوجوان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال روانو.  ھوسڙي  لڳ ٽنڊو محمد خان روڊ تي ھوسڙي موڙ وٽ غلط سائيڊ کان ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل سان  ٽڪر ٿي پيو جنهن  جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار  22 سالا نوجوان محمد عابد راجپوت شديد زخمي ٿي پيو اطلاع ملڻ تي ھوسڙي  پوليس پوسٽ تي موجود اھلڪار  حادثي  واري ھنڌ  پھچي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  سول اسپتال کڻائي ويا زخمي نوجوان جي حالت ويتر خراب ٿيڻ تي سول اسپتال انتظاميا  زخمي کي ڪراچي ريفر ڪري ڇڏيو آھي جتي زخمي نوجوان کي آئي سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو آھي ٻئي طرف حادثي واري جڳهه تان ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڪلينڊر فرار ٿي ويا   ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل پوليس پنهنجي تحويل  ۾ وٺي ڇڏيا .

Leave a Reply

Your email address will not be published.