September 23, 2021

کهڙا ۾ هڪ مهينو اڳ ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

اڄڻ برادري ٽنڊومستي کان 15 ڪلوميٽر مارچ ڪري کهڙا ۾ ڌرڻو هنيو روڊ بلاڪ ڪيو ويو

ڳوٺاڻي کي ڪراچي ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو مهينو گذرڻ باوجود پوليس قتل ۾ملوث جوابدار گرفتار نه ڪيا

ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن قتل ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي

کهڙا (رپورٽ ذوهيب الرحمان ڪليري ) کهڙا ۾ هڪ مهينو اڳ ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف اڄڻ برادري جي سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو، مطاهرين ٽنڊومستي کان 15 ڪلوميٽر مارچ ڪري کهڙا ۾ ڌرڻو هنيو ڳوٺاڻي کي ڪراچي ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو مهينو گذرڻ باوجود پوليس قتل ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو مظاهرين، خبرموجب :کهڙا ۾ هڪ مهينو اڳ ڪراچي جي شهباز ڳوٺ ۾ تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ حيات اڄڻ واسي ڳوٺاڻي نيڪ محمد اڄڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڄڻ يوٿ فورم جي سڏ تي ٽنڊو مستي دعا چوڪ کان 15 ڪلوميٽر مارچ ڪري ريلي ڪڍي کهڙا پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن قتل ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن پ پ اڳواڻ فقير علي گل اڄڻ، ميان اميرن جڙيو اڄڻ ، ميان رازق ڏنو اڄڻ ،نظير احمد اڄڻ، منظور حسين اڄڻ، سڪندر علي اڄڻ ۽ ٻين مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته نيڪ محمد اڄڻ کي ڪراچي ۾ زهر ڏئي قتل ڪيو ويو آهي اهڙو قتل جو ڪيس سپر هاءِ وي ضلع ملير جي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي پر مهينو گذرڻ باوجود سپر هاءِ وي ضلعي ملير جي ٿاڻي جي پوليس مقتول جا قاتل گرفتار ڪري ناهي سگهي، اڳواڻن آء جي سنڌ ۽ وس وارن کان گهر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ريلي ۾ اڄڻ برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻ؟ي طرف اڄڻ برادري جي نيڪ مڙدن جي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس، ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري جي گهر، خبر موجب : پريس ڪلب کهڙا ۽ اڄڻ برادري جي نيڪ مڙدن پ پ اڳواڻ فقير علي گل اڄڻ، ميان اميرن جڙيو اڄڻ، ٽائون ڪاميٽي کهڙا جي اڳواڻي چيئرمين ميان رازق ڏنو اڄڻ ،مشهور واپاري نظير احمد اڄڻ، پ پ اڳواڻ منظور حسين اڄڻ ۽ سڪندر علي اڄڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته   مقتول نيڪ محمد اڄڻ جي قتل ۾ملوث 4 جوابدارن دوست محمد سهتو، عشق علي سهتو، علي گوهر سهتو ۽ ماستر الطاف سهتو کي پوليس هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود گرفتار ڪري ناهي سگهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نيڪ محمد اڄڻ جا قاتل 48 ڪلاڪن اندر گرفتار نه ٿيا ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو،

Leave a Reply

Your email address will not be published.