September 23, 2021

چيف جسٽس پاڪستان خيبرپختونخواهه جي بيورو ڪريسي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس 2005 جي زلزلي جي نتيجي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تباهه ٿيندڙ اسڪولن جي تعمير نه ٿيڻ تي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي

تعليم خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجيحات ۾ گهٽ رهي آهي. زلزلي کي 16 سال گذرڻ باوجود اسڪول تعمير ٿيڻ جا آثار نظر نه آيا آهن

خيبرپختونخواهه جي تعليم کاتي کي شرم اچڻ گهرجي، بيورو ڪريسي ڪم نٿي ڪري سگهي ته گهر هلي وڃي:چيف جسٽس جا ريمارڪس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد خيبرپختونخواهه جي بيورو ڪريسي کي نااهل قرار ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي تعليم کاتي کي شرم اچڻ گهرجي، بيورو ڪريسي ڪم نٿي ڪري سگهي ته گهر هلي وڃي. رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ آڪٽوبر 2005 جي زلزلي جي نتيجي ۾ خيبرپختونخواهه ۾ تباهه ٿيندڙ اسڪولن جي تعمير نه ٿيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته تعليم خيبرپختونخواهه حڪومت جي ترجيحات ۾ گهٽ رهي آهي. زلزلي کي 16 سال گذرڻ باوجود اسڪول تعمير ٿيڻ جا آثار نظر نه آيا آهن. اربين روپيه رکڻ باوجود ڪوبه نتيجو ناهي نڪتو. جن علائقن ۾ اسڪول ٺهيا اتي تعليم مڪمل طور تي فعال نه آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته صوبي ۾ سموري ملڪ جي مقابلي ۾ شرح خواندگي سڀني کان وڌيڪ آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسڪول ته آهن ئي ڪونه. شرح خواندگي ڪيئن وڌي وئي.؟ خيبرپختونخواهه جي حڪومت اسڪولن جي تعمير نه ٿيڻ جو ملبو ايرا تي وجهي ڇڏيو. ايڊووڪيٽ جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته زلزلي وارن علائقن جي بحالي ايرا جي ذميواري هئي، صوبائي حڪومت کي فيبروري 2020 ۾ متاثر علائقن جو ڪنٽرول مليو.خيبرپختونخواهه جي وقتي چيف سيڪريٽري چيو ته نشاندهي تي عدالت جو ٿورائتا آهيون. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته بدقسمتي سان تعليم ڪاروبار بڻجي چڪو آهي ۽ حڪومتي نااهلي سبب تعليم جو ڪاروبار پکڙجي رهيو آهي. پراڻو نظام گهرجي جتي سڀ برابري سان پڙهندا هئا. چيف جسٽس خيبرپختونخواهه جي بيورو ڪريسي کي نااهل قرار ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته سمورو ڪريل ڌنڌو صرف پئسا هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ جي لاءِ آهي. گورنر، سي ايم هائوس ۽ آفيسرن جا گهر ڏسو ڪيترا خوبصورت آهن. هڪ ڏينهن پاڻي بند ڪريو ته اوهان جون رڙيون نڪري وينديون. آفيسرن جي گهرن جون ڇتيون هٽائي ڇڏيون ته اوهان کي خبر پوندي آفيسرن جي ڪمرن مان اي سي ۽ فرنيچر به هٽائڻ گهرجي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 16 سالن کان ٻارڙا تعليم کان محروم آهن. خيبرپختونخواهه جي تعليم کاتي کي شرم اچڻ گهرجي. بيورو ڪريسي ڪم نٿي ڪري سگهي ته گهر وڃي آفيسر سمجهن ٿا ته رکيل پئسا انهن جي لاءِ آهن ڇا پشاور ۽ مانسهره جي ٻارن ۾ ڪو فرق آهي؟ ڇا ملڪ ۾ سريو  ۽ سيمنٽ نٿو ملي؟ ملڪ ۾ پئسو به آهي ۽ تيار ڇتيون به ملي رهيون آهن. صرف نيت جي کوٽ آهي. نه ته ٽنهي شين کي گڏ ڪيئن نٿو ڪري سگهجي. جاپان ۾ سونامي آيو انهن ڪجهه مهينن ۾ سمورو شهر ٺاهي ڇڏيو. ايرا جيڪي اسڪول ٺاهيا اهي به ڪنهن ڪم جا نه آهن. سپريم ڪورٽ زلزلي سبب متاثر ضلعن ۾ تباهه ٿيندڙ 540 اسڪولن کي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيئرمين ايرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ رپورٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو. صوبائي حڪومتن اسڪولن جي تعمير مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ سال جو وقت گهريو جنهن کي عدالت رد ڪري ڏيو. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.