August 13, 2022

ڪشميري عوام سان يڪجهتي: وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعليٰ هائوس مان ريلي ڪڍي وئي

صوبائي وزير، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعليٰ هائوس مان مراد علي جي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.رپورٽ موجب ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعليٰ هائوس مان ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي  اڳواڻي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي. ريلي ۾ صوبائي وزير، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.  ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ريلي جو انتظام ڪمشنر ڪراچي ڪيو. شرڪت ڪندڙن ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر به پنهنجي پيغام ۾  چيو آهي ته پنج آگسٽ 2019 تي هندوستان هڪ طرفا قدم لاڳو ڪري ظلمن جو سلسلو شروع ڪيو.   پاڪستان جي وزيراعظم ڪشميرين جي سفير جي طور تي آواز اٿاريو.

Follow by Email
YouTube
YouTube