September 23, 2021

مسوڀرڳڙي: پ پ پ اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ۽ سانجھاندو رکيو ويو

مسوڀرڳڙي (رپورٽر) پ پ پ تعلقو حيدرآباد بھڙاري جي يونين ڪائونسل ٻرھام جي سابق چيئرمين شاھزيب سيواڻي طرفان سندس اوطاق تي پ پ پ جي ايم اين اي سيد طارق حسن شاهه ڄاموٽ ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي مان ۾ آجياڻو ۽ سانجھاندو رکيو ويو. جنھن ۾ تعلقي جي اھم شخصيتن ايم پي اي جبار خان، غلام رسول شاهه، بلاول شورو، عبدالله شورو، وڏيرو محمد ٿيٻو، سليم رضا مگريو، عذير پھوڙ، مرتضيٰ شورو، سردار زمان ڪيريو، الطاف انڙ، نثار علي کٽياڻ، منظور علي شاهه، غلام حيدر ٻرھام، اشرف وگھيو، شائق پٺاڻ، ساني بھائي، بابو رشيد سولنگي، فياض دل، مھراب خان مري، مير دوست بروھي، حاجي عبدالرزاق نونداڻي، عظيم ٻرھام، صفدر علي ٻرھام، محبوب علي سولنگي ۽ سينئر صحافي اڪبر درس، صحافي پانچورام ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آيل مھمانن کي شاھزيب سيواڻي ۽ رافع سيواڻي طرفان اجرڪن، لوڻگين ۽ ٽوپين جا طوفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ايم اين اي سيد طارق حسن شاهه ڄاموٽ چيو ته ڄام خان شورو کي جيڪا آبپاشي جي وزارت ملي آهي، اھا اھم آهي، ڄام خان اھي خوبيون آهن ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرائيندو. ھن چيو ته پ پ پ اڳ ۾ به عوام سان گڏ ھئي، اڄ به آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائبي، ارسا کان پاڻي جو حق وٺبو، اسان لک پڙهه شروع ڪري ڇڏي آهي، ھن چيو ته تڪ جي عوام کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ڄام خان شورو تقريب ۾ آيل ماڻھن سان فردن فردن ھلي وڄي مليو ۽ انھن سان خير عافيت معلوم ڪئي.