September 23, 2021

سنڌ حڪومت وڌيڪ ڪورونا پابندين لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ وبا جي روڪٿام لاءِ وفاق توڙي سنڌ حڪومت طرفان سخت قدمن جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ حڪومت ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صوبي ۾ شاگردن جي ويڪسينيشن به لازمي قرار ڏني آهي.

ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته نائين کان ٻارهين تائين سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين ڪرائڻي پوندي، سمورن اسڪولن ۾ ويڪسينيشن مهم سومر کان هلائي ويندي.

هاڻ سنڌ حڪومت ڪورونا ويڪسينيشن جي حوالي سان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي اهم خط لکي ڇڏيو آهي.

صوبائي صحت کاتي اين سي او سي کي خط ۾ تجويز ڏني آهي ته بئنڪ خدمتن لاءِ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو وڃي.

صحت کاتي جي خط موجب سڀ بئنڪون ۽ پوسٽ آفيسر رڳو ويڪسين ڪرائيندڙ ڪسٽمرز کي خدمتون فراهم ڪن، ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ نه رکندڙن کي خدمتن جي فراهمي کان معذرت ڪئي وڃي.

ان کانسواءِ صحت کاتي صوبائي گهرو کاتي کي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس ۾ ايس او پيز بابت به خط لکيو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جي ايس او پيز ۾ به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي هوندو، ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ نه رکندڙ هوٽلن ۾ نه کاڌو کائي سگهندا ۽ نه رهي سگهندا.