September 23, 2021

سنڌ ۾ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ آفيسرن کي ڪير پڇڻ وارو ناهي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي منع نامي باوجود سنڌ ۾ منشيات وکر جيان وڪامجي رهي آهي ۽ ان جي سرپرستي سنڌ جا اعليٰ آفيسر ڪري رهيا آهن، جن کي ڪير چوڻ وارو ناهي.

اينٽي ڊرگس نارڪوٽيڪس ڪانفرنس حيدرآباد پاران منشيات جي خاتمي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم هال ۾ هڪ سيمينار رٿيو ويو، جتي ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته پوليس اندر ڪاريون رڍيون آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪري کين گهر روانو ڪيو وڃي.

هن چيو ته اسان کي پنهنجا نسل بچائڻا آهن ته منشيات جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا، هاڻ هڪ نئون نشو استعمال ٿي رهيو آهي جيڪو آئيس نالي سان آهي، جنهن کي ننڍڙا معصوم پڻ استعمال ڪن ٿا، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري.

سندس چوڻ هو ته منشيات جون ٽرڪون ڀرجي اچن ٿيون، نوجوانن کي سلو پوائزن ڏئي سندن زندگيون تباهه ڪيون پيو وڃن، نوجوان هوٽلن تي منشات واپرائن ٿا، اتي پوليس ڇا ٿي ڪري؟ ڪجهه  پئسن عيوض نوجوان نسل تباهي طرف وڃي رهيو آهي.