September 23, 2021

طالبان پاڪستان جي مداخلت جا الزام رد ڪري ڇڏيا

ڪابل (ويب ڊيسڪ)طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد افغانستان ۾ پاڪستان جي مداخلت جي الزامن کي واضح طور رد ڪندي انهن کي پروپيگنڊا قرار ڏئي ڇڏيو.

ذبيح الله مجاهد افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران حڪومت جي لاءِ ڪابينا ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي هڪ سوال جي جواب ۾ ذبيح الله مجاهد افغانستان جي معاملن خاص طور تي پنجشير ۾ پاڪستان جي ڪردار کي رد ڪندي انهن کي افواهه قرار ڏنو.

ذبيح مجاهد چيو ته پنجشير ۾ ڪا به جنگ ناهي، اتي مڪمل طور امن امان جي صورتحال آهي.

طالبان ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي مداخلت افواهه آهن، پاڪستان جي مداخلت جا افواهه گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڦهليل آهن.

هن چيو ته اسان پوري ريت آزادي سان ڪم ڪندا آهيون ۽ ڪنهن جي به مداخلت برداشت ناهيون ڪندا اسان انجي قابل آهيون ته پنهنجي ملڪ تي قبضو ڪندڙن خلاف وڙهون، اسان اسلام ۽ هن ملڪ جي لاءِ سڄي دنيا سان جنگ وڙهي آهي ۽ ان جي لاءِ اڻ ڳڻ قربانيون به ڏنيون آهن.