September 23, 2021

اشرف غني غلطي جو اعتراف ڪري ورتو

ڪابل (ويب ڊيسڪ)ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ ملڪ ۾ صورتحال مٽجي وئي آهي، طالبان جي صدارتي محل تي قبضي کانپوءِ اڳوڻو صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويو هو.

ان حوالي سان اهي به خبرون سامهون آيون هيون ته اشرف غني پاڻ سان گڏ ملڪي ناڻي جو وڏو حصو پاڻ سان گڏ چورائي ويو آهي جنهن جي اشرف غني ترديد به ڪئي هئي.

ان حوالي سان اشرف غني جو بيان سامهون آيو آهي ته هن افغانستان ڇڏي وڏي غلطي ڪئي.

اڳوڻي افغان صدر اشرف غني چيو آهي ته ڪابل ڇڏڻ سندس زندگي جو سڀ کان ڏکوي فيصلو هو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اشرف غني چيو ته صدارتي محل جي سڪيورٽي عملي جي هدايت تي اتان کان ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڪابل ڇڏڻ زندگي جو سڀ کان ڏکيو فيصلو هو پر مونکي يقين هو ته ڪابل ۾ توپن کي خاموش رکڻ ۽ لکين شهرين کي محفوظ رکڻ جو اهو ئي رستو آهي.

هن چيو ته مان پنهنجي زندگي جا 20 سال افغان شهرين جي مدد، جمهوريت جي تعمير، ترقي، استحڪام ۽ ملڪي سلامتي لاءِ گذاري ڇڏي، منهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به افغان شهرين کي ڇڏڻ شامل نه هو.

اڳوڻي افغان صدر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابل ڇڏڻ تي ڊالرز کڻي وڃڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي ۽ ان کي بي بنياد قرار ڏنو.