September 23, 2021

موبائل چارجنگ جو وڏو مسئلو حل ٿي ويو

دنيا ۾ موبائل جو استعمال ايترو اهم ٿي ويو آهي جو ڪير به موبائل کان بنا پنهنجا ڪم ڪار سولائي سان نٿو ڪري سگهي.

موبائل تي انٽرنيٽ جي لڳاتار استعمال سبب جيڪو ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو هوندو آهي اهو هوندي آهي چارجنگ جو، ڇو ته لڳاتار انٽرنيٽ سرفنگ ڪرڻ سان موبائل جي چارجنگ ٿوري ئي عرصي ۾ گهٽجي يا ختم ٿي ويندي آهي.

موبائل کي چارج ڪرڻ لاءِ پوءِ جنهن جي ضرورت آهي اها هوندي آهي چارجر ۽ بجلي جي، جيڪڏهن ڪو ضروري ڪم ڪندي توهان جي موبائل جي چارجنگ بند ٿي وڃي ته توهان فوري طور تي بجلي جي ويجهو وڃڻ لڳندا ته جيئن توهان پنهنجي موبائل چارج ڪري پنهنجي ڪم کي انجام تائين پهچائي سگهو.

اهڙي محنت کان بچڻ لاءِ مختلف ڪمپنين جون پاور  بينڪس به موجود آهن جن کي اڳواٽ چارج ڪري پاڻ سان گڏ رکي ضروت پوڻ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

تنهن هوندي به جنوري 2021 ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو  جي موقعي تي موٽرولا هڪ نئين وائرليس چارجنگ ٽيڪنالوجي جو مظاهرو ڪيو هو.

هي ٽيڪنالوجي روايتي چارجرن کان مختلف هئي ۽ ان جي مدد سان هڪ ميٽر جي مفاصلي تي هڪ وقت 2 ڊوائيسز چارج ڪرڻ ممڪن بڻيو.

هاڻي ڪمپني ان وائرليس چارجنگ ٽيڪنالوجي کي وڌيڪ اپڊيٽ ڪيو آهي جيڪا اڳ کان وڌيڪ بهتر آهي .

هاڻي ان ٽيڪنالاجي جي مدد سان فونز کي 3 ميٽر پري به چارج ڪري سگهي ٿو.

ان ٽيڪنالوجي سان ڪمپني هڪ وڏو چارجز تيار ڪيو آهي جنهن ۾ 1600 انٽينا موجود آهن ۽ هي هڪ سئو ڊگري تائين حصا ڪور ڪري سگهي ٿو،

اهڙي ريت هي چارجر ان فونز کي به پاور ڏئي سگهي ٿو جيڪا ان جي ڀرسان موجود هجي.

اوپو ڪمپني طرفان به ايئر چارجنگ ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪا 7.5 واٽ پاور فراهم ڪندو آهي پر اهو رڳو 10 سينٽي ميٽر پري موجود ڊوائيسز کي ئي چارج ڪري سگهي ٿو.