September 23, 2021

اميد ته عمران خان به لبيڪ ڪندو، عمر شريف وزيراعظم کان مدد گهري ورتي

ناليوارو ڪاميڊين دل جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب  اسپتال ۾ داخل آهي ۽ ڊاڪٽرن طرفان سندس زندگي کي خطرو ٻڌايو ويو آهي.

تازو ئي سوشل ميڊيا تي عمر شريف جي ڳڻتي جوڳيون خبرون وائرل ٿيون جنهن کانپوءِ هن جي پُٽ جواد عمر انهن خبرن جي ترديد ڪندي ٻڌايو ته والد دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي پر سندس علاج هلندڙ آهي، جلد ساڻس گڏ وڊيو شيئر ڪنداسين.

جنهن بعد هاڻي ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي وزيراعظم عمران خان کان مدد واري وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي.

عمر شريف جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هو وزيراعظم عمران خان کان پنهنجي علاج ۾ مدد گهري رهيو آهي.

وڊيو پيغام ۾ عمر شريف چئي رهيو آهي ته ڊاڪٽرن چيو آهي ته مونکي بهتر علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهرجي، ڊاڪٽر موجب منهنجو بهتر علاج آمريڪا ۾ ٿي سگهي ٿو، مان عمر شريف محترم وزيراعظم عمران خان سان مخاطب آهيان، عمران خان صاحب! جڏهن به توهان ڪجهه ڪيو آهي ۽ مون ڏي ڪال ڪئي آهي ته مان توهان جي آواز تي لبيڪ ڪئي آهي جنهنڪري مونکي به يقين آهي ته توهان به منهنجي آواز تي لبيڪ ڪندا.

اهو ٻڌائيندا هلون عمر شريف دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي ۽ سندس علاج هلندڙ آهي پر ڊاڪٽرن طرفان کيس آمريڪا مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي جنهن لاءِ ڪورونا وبا سبب سندس آمريڪا وڃڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي.

ٻئي پاسي ان حوالي سان نجي ٽي جي صحافي ۽ ميزبان وسيم بادامي طرفان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها تصديق ڪئي وئي آهي ته عمر شريف جنهن بيماري ۾ مبتلا آهي ان جو علاج رڳو ٽن ملڪن آمريڪا، جرمني ۽ سعودي عرب ۾ ٿيندو آهي، پر ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي علاج ۾ دير ٿي سگهي ٿي تنهن هوندي به جيڪڏهن رياستي سطح تائين قدم کنيا وڃن ته اميد آهي ته اهو ڪم جلد ٿي سگهي ٿو.