September 23, 2021

ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن اربين رپين جي رهتن جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي ٽيڪس وصول ڪرڻ وارو منصوبي جي حوالي سان بلديا عظميٰ وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو.

بلديا عظميٰ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ اڳ ۾ ئي ڪي ايم سي کي 7 ارب رپيا جون رهتون ادا نه ڪيون آهن.

ان حوالي سان هڪ نجي ٽي وي ڪي اليڪٽرڪ جا رهتن جي حوالي سان لکت ۾ تفصيل هٿ ڪري ورتا، جن ۾ اهو انڪشاف ٿيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ هن مهل تائين بلديا عظميٰ ڪراچي کي 7 ارب رپين جون رهتون ادا ناهن ڪيون.

بلديا عظميٰ ڪراچي ٻڌايو ته ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ طرفان زمين استعمال ڪرڻ جو ڪرايو به نٿو ڏنو وڃي.

ڪي ايم سي اختيارين چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن ڪيبلن جي مد ۾ 3 ارب 2 ڪروڙ، پولن جي مد ۾ 12 ڪروڙ 24 لک جون رهتون آهن.

اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ايلنڊرروڊ جي زمين جي مد ۾ 17 ڪروڙ 11 لک ڪي ايم سي کي ملڻا آهن، ان کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ جي 57 سب اسٽيشنز جي ڪرائي جي مدد ۾ 4 لک 67 هزار ادا ڪرڻا آهن.

بلديا عظميٰ اختيارين اهو به ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪٽاري گرڊ اسٽيشن جي مد ۾ به 11 ڪروڙ ڪي ايم سي کي ڏيڻا آهن جيڪي هن وقت تائين ادا ناهن ڪيا ويا.