September 23, 2021

ڪپتان سرڪار ناڪامين جو ڳڙهه، پاڪستانين جي ڇتي تنقيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اپسوس پاڪستان ٽن سالن جي حڪومت ڪارڪردگي تي نئين سروي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب 62 سيڪڙو پاڪستاني مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي تي پي ٽي آءِ حڪومت کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

59 سيڪڙو ماڻهن بيروزگاري، 59 سيڪڙو ماڻهن غربت، 53 سيڪڙو ماڻهن ڏوهن ۽ 53 سيڪڙو ماڻهن ڪرپشن تي ضابطو ڪرڻ ۾ به حڪومت جو نالو نه کنيو.

جڏهن ته 54 سيڪڙو ماڻهو معاشي ترقي، پروٽوڪول ڪلچر جي خاتمي ۽ پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي به حڪومتي ڪارڪردگي مان ڏکارا نظر آيا.