September 23, 2021

انعام بٽ پاڪستان لاءِ هڪ وڌيڪ ميڊل کٽي ورتو

1 min read

پاڪستان جي ٽاپ ريسلر انعام بٽ بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز ۾ هڪ وڌيڪ گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي.

انعام بٽ يونان ۾ ٿيندڙ بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز جي ٽئين ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ آذربائيجان جي پهلوان کي شڪست ڏني.

ٽن منٽن جي ويڙهه ۾ مقابلو 2-2 پوائنٽن تي برابر رهيو ۽ آخري پوائنٽ انعام بٽ حاصل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو فاتح قرار ڏنو ويو.

واضح رهي ته بيچ ريسلنگ ورلڊ سيريز جو ٽيون ايوينٽ يونان ۾ ڪيٽريني بيچ تي جمعي واري ڏينهن شروع ٿيو هو، 90 ڪلو جي ڪيٽيگري ۾ شامل پاڪستان جي انعام بٽ پهرين ميچ ۾ آذربائيجان جي ريسلر ابراهيم يوسو کي شڪست ڏني هئي ۽ ٻئي مقابلي ۾ هن لنڊن اولمپڪس جي برانز ميڊلسٽ جارجيا جي داتو مارساگشولي کي هرايو هو، سيمي فائنل ۾ انعام بٽ يوڪرين جي پهلوان کي 1-3 تان شڪست ڏني.

واضح رهي ته انعام بٽ روم ۾ ٿيندڙ ٻئي ٽورنامينٽ ۾ به گولڊ ميڊل کٽيو هو.