September 23, 2021

فهد مصطفيٰ جو پيءُ لاءِ محبت ڀريو پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فهد مصطفيٰ پيءُ صلاح الدين تنيو جي تصوير شيئر ڪري هن لاءِ محبت ڀريو پيغام به ڏنو آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي فهد مصطفيٰ پيءُ جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جيڪا امڪاني طور تي ڪنهن ڊرامي جو اسڪرين شاٽ آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فهد پيءُ سان گڏ پنهنجي تصوير به شيئر ڪئي.

اداڪار تصويرن سان گڏ عنوان لکيو ته ”هڪ نسل کان ٻئي نسل طرف“.

هن پنهنجي پيءُ صلاح الدين تنيو کي چيو ته ”اوهان سان گھڻي محبت ڪندو آهيان بابا“.