September 23, 2021

پي ٽي آءِ تي بيلٽ پيپر چوري جو الزام، ن ليگ وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

The daughter of Pakistani Prime Minister Nawaz Sharif, Maryam Nawaz, arrives to appear before an anti-corruption commission at the Federal Judicial Academy in Islamabad on July 5, 2017. Pakistan's Prime Minister Nawaz Sharif and his children are accused of graft in an ongoing case which has captivated Pakistan and threatened to topple the prime minister after the Panama Papers leak last year linked the family to offshore businesses. The Supreme Court issued a split ruling calling for a joint investigation team of anti-corruption officials along with the powerful Inter-Services Intelligence (ISI) and Military Intelligence to probe the claims and issue a report within 60 days. / AFP PHOTO / AAMIR QURESHI (Photo credit should read AAMIR QURESHI/AFP/Getty Images)

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري پي ٽي آءِ تي بيلٽ پيپرن جي چوري جو الزام هڻندي چيو آهي ته اسان کي خبر پئي آهي ته ن ليگ کٽي وئي آهي ته بيلٽ پيپر چوري ڪرايا ويا آهن، اسانکي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته اهي پنهنجي حرڪتن کان نه مڙندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته منشا سنڌو پي ٽي آءِ جو بدنام زمانا غنڊو آهي، منشا سنڌو پاڻ سان گڏ هاڪي بردار ماڻهو آندا هئا، پوليس غنڊن کي موقعو ڏنو، اسان پرامن طور اتي موجود هئاسين، اهي منصوبابندي تحت آيا هئا.

عظميٰ بخاري چيو ته انتظاميا کي خبردار ڪرڻ چاهيان ٿي ته 4 ماڻهو ڏسي جيڪا حرڪت ڪئي وئي آهي ان سان شهر ۾ باهه ٻري ويندي، عورت کي لتون ۽ هاڪيون هڻڻ ڪهڙو انصاف هو، پوليس پنهنجي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ڪرائي رهي هئي.

ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته واقعي جا فوٽيج موجود آهن، خبر هئي ته پنهنجي ناڪامي ڏسي اهي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويندا، اتي ڪهڙي بيهودگي ڪئي وئي ان جي وڊيو جاري ڪندس.

هن چيو ته منشا سنڌو ۽ ان جا غنڊا گرفتار نه ڪيا ويا ته اسان کي قانونن هٿ ۾ کڻڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو قانون رڳو اسان جي لاءِ رهجي ويو آهي؟، توهان اتي رزلٽ نه ڏنا، رزلٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان سڀ هتي بيٺا آهيون، سعد رفيق اسان کي ايندڙ لائحه عمل ٻڌائيندو.

ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن قانونن پنهنجو ڪم نه ڪيو ۽ غنڊن کي ائين کليل ڇڏي ڏنو ته اسان پنهنجو رستو وٺنداسين، پي ٽي آءِ جو اصل چهرو عوام کي ڏيکارينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڻ پنهنجي موجودگي ۾ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري پنهنجا ماڻهو نه ڇڏريا هئا؟ اهو ڪنهن کي ياد ناهي؟، اسان اوستائين پرامن رهنداسين جيستائين اسانکي پرامن رهڻ ڏنو ويندو.