September 23, 2021

”چپل تو لي لو“، دپيڪا ۽ رنوير سان ساڳيو ئي سين!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ناليواري اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ اداڪار رنوير سنگهه جي وڊيو ۽ فوٽو شوٽ دوران هڪ ٽهڪڙن وارو منظر ٿي گذريو.

گذريل ڏينهن دپيڪا ۽ رنوير ڀارت لاءِ ٻه ڀيرا تمغا کٽڻ واري رانديگر پي وي سنڌو سان هڪ ريسٽورينٽ ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي ڄڻن سنڌو کي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ پاڻ وري پنهنجي گاڏي ڏانهن وڌڻ لڳا ان ئي وقت ڪيترن ئي فوٽو گرافرن انهن جو فوٽو ڪڍڻ ۽ وڊيو ڀرڻ

شروع ڪري ڏنو.

سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دپيڪا پڊوڪون کي پيرن مان لٿل چپل نظر آئي جنهن تي اداڪارا فوري طور تي فوٽوگرافر جي نشاندهي ڪندي چيو ته ”آپ اپني چپل تو لي لو“.

ڪيمرا مين به دپيڪا کي فوري طور تي انڪار ۾ جواب ڏيندي چيو ته اها منهنجي ناهي، جنهن تي دپيڪا کيس چيو ته اها توهان جي ئي آهي.

جنهن تي ٻئي فوٽوگرافر چيو ته اها اسان پوءِ کڻون ٿا پهريون توهان جو تصويرون ڪڍي وٺون.

اتفاق سان ۽ کِل جهڙي ڳالهه اها آهي ته ٿورو اڳتي هلي هڪ ٻئي ڪيميرا مين جو  جوتا پيرن مان نڪري ويا جنهن تي رنوير سنگهه به چيو ته ”اپني جوتي تو لي لين“.