September 23, 2021

مردم شماري نامنظور، رڳو مخالفت نه مزاحمت به ڪنداسين: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊز جي اليڪشن ۾ پ پ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪراچي جي 6 ڪنٽونمينٽ بورڊز ۾ پ پ سمورين سياسي جماعتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، پ پ جي 6 ڪنٽونمينٽ ۾ 39 اميدوارن مجموعي طور تي 22135 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته ٻئي نمبر تي پي ٽي آءِ جي 42 اميدوارن 19483 ووٽ، جماعت اسلامي 16422، جڏهن ته ڪراچي جي دعويدار ايم ڪيو ايم رڳو 10790 ووٽ ئي حاصل ڪري سگهي.

هن چيو ته پپيلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي، جنهن 6 جا 6 ڪنٽونمينٽ بورڊ ۾ سيٽون حاصل ڪيون ۽ اسان کي 11 سيٽن تي ڪاميابي ملي، جڏهن ته اسان جا ٽي اهڙا اميدوار آهن، جنهن جي ڪامياب ٿيندڙ جي ووٽن ۾ رڳو 1 کان ٽن ووٽن جو فرق آهي ۽ اتي اسان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي آهي، ڇو ته اتي رد ٿيل ووٽن جي انگ 12 کان 16 جي وچ ۾ آهي.

سندس چوڻ هو اسد عمر غلط بياني نه ڪري، وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ ڪو هڪ نئون وڏو منصوبو نه ڏنو، گرين لائن ۽ فائر برگيڊ ن ليگ جا منصوبا آهن، مردم شماري جي معاملي تي هٺ سان ڪوڙ ڳالهايو ويو، مردم شماري صوبائي حڪومت ڪيئن ٿي ڪرائي سگهي، سنڌ حڪومت مردم شماري تي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ به وفاق ڪيترائي کاتا زبردستي اڃا تائين پاڻ وٽ رکيا آهن، جنهن ۾ اي او بي آءِ، ورڪرز ويلفيئر بورڊ، انفارميشن ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ٻيا شامل آهن.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته اهي پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي رهيا آهن، ميڊيا جي جيڪا ٿوري گهڻي آزادي آهي، اها به ختم ڪئي پئي وڃي، عدليا کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدليا ۽ ميڊيا خلاف جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي اسان نه رڳو مخالفت پر مزاحمت به ڪنداسين.