September 23, 2021

”موبائل جي ڪيميرا“ لاءِ موٽرسائيڪل انجڻ وڏو خطرو

موبائل جي استعمال بابت ڪهڙيون وصفون بيان ڪجن، ننڍو هجي يا وڏو عورت هجي يا مرد موبائل جي استعمال کانسواءِ ڪير به نٿو رهي سگهي.

اهڙي ئي ريت پنهنجي آفيس، ڪمپني، مزوري يا ڪنهن ٻئي ڪم ڪار لاءِ موٽرسائيڪل جو استعمال به ايترو ئي عام ٿي ويو آهي.

جيتري دنيا تيز ٿي وئي آهي ان جي حساب سان سڀ ڪنهن جي خواهش آهي ته گهڻي ۾ گهڻو وقت بچائي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ وقت ڏجي ته جيئن پنهنجي زندگي کي سولو بڻائي سگهجي.

موبائل ۽ موٽرسائيڪل جو گڏيل استعمال به اڪثر ڏٺو ويندو آهي، ڪيترا ڀيرا موٽرسائيڪل جي ڊرائيونگ دوران ئي فون تي ڳالهائيندي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏٺو ويو آهي جنهن سبب ڪيترائي حادثا ٿي به چڪا آهن جيڪو هڪ الڳ موضوع آهي.

ان حوالي سان ايپل سپورٽ فورم ۾ هڪ نئين تحقيق پوسٽ ڪئي وئي آهي.

اها ڳالهه مڃڻ ته ڏکئي لڳندي پر موٽرسائيڪل جي انجڻ مان پيدا ٿيندڙ وائبريشن آئي فون جي ڪيميرا سسٽم کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

تحقيقي پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاءِ ايمپليٽيوڊ وائبريشن خاص طاقتور موٽرسائيڪل انجڻ سان پيدا ٿيندڙ وائبريشن ڪمپني جي ڊوائسز جي ڪيميرا سسٽم کي جي ڪارڪردگي متاثر ڪري سگهي ٿي.

ڪپمني واهپيدارن کي مشورو ڏنو ته اهي ڪنهن آءِ فون سان گڏ موٽرسائيڪل تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ڇو ته انجڻ جي وائبريشن ڪهڙي به ذريعي موبائل تان پهتي ته ان لاءِ نقصانڪار هوندو.