September 23, 2021

مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ته صحافين تي حملن جا ڇو نه؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ته صحافين تي حملن جا ڇو نه؟

سپريم ڪورٽ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، جنهن ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي، پيمرا چيئرمين ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

جسٽس قاضي امين چيو ته صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذاتي فعل کي تحفظ نه ڏينداسين، ڪنهن کي صحافين سان مسئلو آهي ته قانوني رستو اختيار ڪري، گوليون هڻڻ يا تشدد ڪرڻ لاقانونيت آهي، آءِ جي اسلام آباد يقيني بڻائي ته صحافين تي حملا ڪندڙ گرفتار ٿين، مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ته صحافين تي حمن جا ڇو نه؟

عدالت چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ صحافي کي پيٽ ۾ گولي هنئي وئي، پوليس جي ناڪامي آهي ته هيل تائين جاچ پئي ٿئي.

سپريم ڪورٽ پيمرا چيئرمين کان چئنلن خلاف ڪارروائي جي اختيار بابت جواب طلب ڪري ورتو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف آءِ اي سميت ڪنهن به اداري کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، ايف آءِ اي اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ اڳ ۾ لاڳو ڪندو آهي ۽ سوچيندو پوءِ آهي.

ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته 4 سالن ۾ صحافين خلاف 27 شڪايتون مليون، انهن مان 4 شڪايتون انڪوائريز ۾ تبديل ٿيون ۽ ڪيس داخل ٿيا.

عدالت حڪم ڏنو ته ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي اسلام آباد هڪ سال ۾ صحافين تي ٿيل ڪيسن جي رپورٽ ڏئي، جڏهن ته پيمرا چيئرمين کان به تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي.

پوءِ عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.