September 23, 2021

وفاق ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند نه ڪيو، سنڌ ۾ 4 ڏينهن لاءِ گئس بندش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزارت توانائي جي هر صوبي جي لاءِ الڳ پاليسيون قائم ٿيل آهن هر فيصلي ۾ سنڌ کي عذيت ڏيڻ جي روايت برقرار آهي.

آر ايل اين جي جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ڪٿي سي اين جي لوڊشيڊنگ ڪٿي ڇوٽ ڏنل آهي.

وزارت جي اعلان موجب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ چئن ڏينهن جي لاءِ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس نه ملندي.

پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري وري واپس ورتو ويو جڏهن ته ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ چئن ڏينهن تائين اهڙي لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪمپني ڄاڻايو آهي ته ٽرمينل تي مرمتي ڪم جي ڪري سوئي سدرن گئس ڪمپني سسٽم ۾ گيس جي کوٽ ٿي وئي آهي.

اهڙي کوٽ جي ڪري اسٽيشنن کي گئس چئن ڏينهن کانپوءِ 18 سيپٽمبر تي ڇنڇر جي ڏينهن 8 وڳي بحال ٿيندي.

واضح رهي ته گئس بندش جي ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ به بند ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري عوام ڏکيائين کي منهن ڏيندا آهن.