September 23, 2021

سنڌ ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ادارن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

صوبائي تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب اين ٽي ايس پاس استادن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل سيڪريٽري ڪميٽي جو سربراهه هوندو، جڏهن ته ڊائريڪٽر ايڇ آر، ڊائريڪٽر هائير، پرائمري ايجوڪيشن، ڊپٽي سيڪريٽري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ سيڪشن آفيسر ڪميٽي جا ميمبر هوندا.

ڪميٽي استادن جي تعليمي سندن، دستاويزن، مقرري نامن جي تصديق ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي جي تصديق کانپوءِ استادن کي ريگيولرائز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.