October 26, 2021

اسڪول ڊيسڪ جو معاملو سنڌ حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، سردار شاهه طرفان استعيفيٰ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسڪولن لاءِ مهانگو فرنيچر خريد ڪرڻ جو معاملو سنڌ حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو ۽ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه طرفان عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو امڪان آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي پاران مهانگيون ڊيسڪون خريد ڪرڻ جي معاملي تي نه رڳو سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ گوڙ ڪيو هو پر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پڻ ان معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي کيس شڪايت ڪئي هئي ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾ مبينا طور تي اها ڊيسڪ 320 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي خريد ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مارڪيٽ مان 5 هزار رپين ۾ ڊيسڪ خريد ڪري سنڌ اسمبلي پهتو هو ۽ هن الزام هڻندي چيو ته ٽينڊر ۾ 29 هزارن جي حساب سان 16 لک ڊيسڪون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ساڳي ڊيسڪ ڪراچي جي لوڪل مارڪيٽ مان آئون 5 هزار ۾ خريد ڪري آيو آهيان، نيب کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هوڏانهن ان معاملي تي اڄ سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي اسڪولن لاءِ فرنيچر خريد ڪرڻ وارو طريقيڪار آزاد ۽ خود مختيار سينٽرل پروڪيورمنٽ ڪميٽي سرانجام ڏنو آهي، ان سموري پراسيس ۾ ڪنهن به وزير جي مداخلت ناھي، مخالفت ڌر جي اڳواڻ پاران لڳايل الزامن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت ناھي.

ھنن دعويٰ ڪئي هئي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي خط ۾ خريداري ۾ ڪنهن بي قاعدگي جو ذڪر ناهي، جڏهن ته سينٽرل پروڪيورمينٽ ڪميٽي ھر پراسيس دوران نيب، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل، ھاءِ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن کي اعتماد ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا ڪرپشن جي معاملي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سخت ڪاوڙيل آهي ۽ پ پ قيادت ان حوالي سان تعليم واري وزير سردار شاهه کان وزارت واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ امڪان آهي ته سردار شاهه تمام جلد تعليم واري وزارت جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو.