October 26, 2021

سُٺي ماڻهو جي ڳولا، وزيراعظم جا پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن بابت حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف پنجاب جي سياسي ٽيم ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ سياسي ۽ انتظامي محاذ تي درپيش مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

وزيراعظم عمران خان بلدياتي چونڊن جي تياري جو حڪم ڏيندي اميدوارن جي ڳولا جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن لاءِ هاڻي کان ئي اميدوار ڳولڻ شروع ڪيو، سٺي ڪردار وارا عوام ۾ سٺي ساک رکندڙ اميدوار سامهون آندا وڃن.

عمران خان اڳوڻي حڪومتي دورن ۾ ٺاهيل جعلي ووٽن وارو معاملو اليڪشن ۾ کڻڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي.

ايندڙ بلدياتي چونڊن بابت وزيراعظم گائيڊ لائين جاري ڪندي چيو ته وڏو وزير هر مهيني پارٽي ڪارڪنن سان هڪ ڀيرو ملاقات ضرور ڪري.