November 28, 2021

چين تي حملن جو خوف، ٽرمپ به افغان نيڪالي جو خواهشمند هو

ٽرمپ به پنهنجي دور ۾ افغانستان مان نيڪالي چاهي پيو، نوان انڪشاف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي دور ۾ افغانستان مان نيڪالي چاهي پيو، 2020 جي صدارتي چونڊن کان 8 ڏينهن پوءِ ٽرمپ 15 جنوري 2021 تائين افغان نيڪالي جو ڳجهو ميمو جاري ڪيو.

ان معاملي تي ٽرمپ پنهنجي قومي سلامتي کي به اعتماد ۾ نه ورتو هو، اهڙا انڪشاف 21 سيپٽمبر تي رليز ٿيندڙ آمريڪي صحافي باب وڊورڊ ۽ رابرٽ ڪوسٽا جي نئين ڪتاب ”پيرل“ ۾ سامهون آيا آهن.

جڳ مشهور واٽر گيٽ اسڪينڊل منظر عام تي آڻيندڙ وڊورڊ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف جنرل مارڪ ملي کي ٽرمپ طرفان صدارت جي آخري ڏينهن ۾ چين تي حملي جو خوف هو.

اهڙي خدشن جي ڪري جنرل مارڪ ملي پنهنجي چيني هم منصب کي حملو نه ڪرڻ جي ٻه ڀيرا خاطري ڪرائي هئي.

ڪتاب جي حوالي سان آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 6 جنوري جي ڪيپيٽل هِل حملي جي ڏس ۾ جنرل مارڪ ملي کي ٽرمپ جي دماغي حالت خراب هجڻ جو يقين هو.