October 26, 2021

اداڪارا مايا علي وڏي ڪاميابي ماڻي ورتي

پاڪستان جي نالي واري اداڪاره مايا علي سوشل ميڊيا تي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

اداڪاره پنهنجي ڪاميابي بابت سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ به رکي آهي. جنهن ۾ ان لکيو آهي ته انسٽاگرام تي هن جا  6 ملين فالوورز پورا ٿي چڪا آهن.

ان ڪاميابي تي اداڪاره مايا علي پنهنجي تمام چاهيندڙن ۽ بي انتها مداحن  جو جا ٿورا پڻ مڃيا.

مايا علي چيو ته اهو لمحو مون  لاءِ خاص هو ۽ مان ان لمحي کي توهان سڀني جي اڳيان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي.

ياد رهي ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ جي لاءِ فلمن ۽ ڊامن ۾ به ڪردار ادا ڪيو.

مايا علي فيشن جي دنيا ۾ به حصو وٺي رهي آهي جنهن جو اندازو نئين وائرل ٿيل بولڊ واري تصوير مان لڳائي سگهجي ٿو.