January 18, 2022

اوپو ايف 19 سيريز جو گھٽ قيمت وارو نئون فون متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

اوپو هلندڙ سال ايف سيريز جا 3 موبائل فون متعارف ڪرائڻ کان پوءِ انهيءَ سيريز جو نئون موبائل فون گھٽ قيمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ايف 19 سيريز تحت اوپو هاڻ ايف 19 ايس متعارف ڪرائي رهيو آهي جيڪو ايف 19 جهڙو هوندو.

ماءِ سمارٽ پرائس جي رپورٽ موجب ايف 19 ايس 6.43 انچ جي ايموليڊ ڊسپلي ۽ 1080 پڪسل ريزولوشن سان ليس هوندو.

اهو فون شروعاتي طور تي ڀارت ۾ پيش ڪئي ويندو ۽ امڪان آهي ته ان جي قيمت سيريز جي ٻين موبائل فون جي ڀيٽ ۾ گھٽ هوندي.

ان جو چپ سيٽ سيريز جي ٻين موبائل فونز جيان سنيپ ڊراگون 662 سان گڏ 6 جي بي فزيڪل ريم ۽ 5 جي بي ورچوئل ريم تي ٻڌل هوندو.

ان جي 48 ميگا پڪسل جي مين ڪيمرا سان گڏ ڊيپٿ سينسنگ ۽ ميڪرو فوٽوگرافي لاءِ ٻه ميگا پڪسل شوترز به هوندا.

ٻي پاسي فرنٽ ڪيمرا 16 ميگا پڪسل جي سوني آءِ ايم ايڪس 471 هوندي جيڪا هڪ ڪنڊ تي موجود هوندي.

اها فون به ايف 19 سيريز جي ٻين سيٽن جيان 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 330 واٽ فاسٽ چارجنگ سان ليس هوندو.

اوپو ان موبائل فون ۾ لو بيٽري ايس ايم ايس جو انوکو فيچر به شامل ڪيو آهي جيڪو فون بند ٿيڻ کان اڳ اڳ کان منتخب ڪيل فرد کي هڪ پيغام موڪليندو جنهن ۾ ٻڌايو ويندو ته موبائل جي بيٽري چارج نه ٿيڻ سبب فون بند آهي.

اوپو ايف 19 ايس کي متعارف ڪرائڻ جي آخري تاريخس سامهون ناهي آئي پر تازو ئي ان بلوٽوٿ سرٽيفڪيشن حاصل ڪئي هئي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان حوالي سان باضابطه اعلان جلد ڪيو ويندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube