October 26, 2021

حڪومت جو اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ انٽرنيٽ ووٽنگ جا قانون موجود آهن.

ڄاڻايل بل ۾ هڪ ترميم جي ذريعي چونڊ فهرستون ٺاهڻ جو اختيار الڪيشن ڪميشن کان وٺي نادرا جي حوالي ڪرڻ جي به تجويز آهي.

ان حوالي سان مملڪتي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي گهرايو هو پر قومي اسيمبلي جو قورم پورو نه ٿي سگهيو جنهن کانپوءِ اجلاس سومر ڏهاڙي شام جو 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.