October 26, 2021

مائڪرو سافٽ نئون آفيس سافٽ ويئر متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

1 min read

مائڪرو سافٽ پنهنجي مشهور سافٽ ويئر پروگرام آفيس جي نئين ورجن کي 5 آڪٽوبر تي متعارف  ڪرائن جو اعلان ڪيو آهي، يعني انهيءَ ڏينهن جڏهن انڊوز 11 جي دستيابي جو سلسلو شروع ٿيندو.آفيس 2021 کي 2 ورجنز ۾ پيش ڪيو ويندو، هڪ ڪمرشل واهپيدارن لاءِ جنهن کي آفيس ثرم سروسنگ چينل (ايل ٽي ايس سي) جو نالو ڏنو ويو آهي.

ٻيو ورجن گھريلو واهپيدارن لاءِ هوندو.

بلاگ ۾ ٻڌايو ويو ته آفيس ايل ٽي ايس سي ورجن 16 سيپٽمبر کان ئي دستياب هوندو ۽ ان ۾ accessibility فيچرز کي وڌايو ويو آهي جڏهن ته ورڊ، ايڪسل ۽ پاور پوائنٽ جي ڪارڪردگي کي به بهتر بڻايو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح سڀني ايپس لاءِ ڊارڪ موڊ سپورٽ به فراهم ڪئي پئي وڃي.

ذاتي استعمال لاءِ آفيس 2021 واهپيدارن کي 5 آڪٽوبر کان دستياب هوندي پر في الحال قيمت جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

آفيس جا ٻئي ورجنز ونڊوز ۽ ميڪ ڊوائيسز تي ڪم ڪري سگھندا ۽ ون نوٽ ايپ سان گڏ فراهم ڪيا ويندا.

اهي ٻئي 32 ۽ 64 bit  ورجنز تي دستياب هوندا ۽ مائڪرو سافٽ طرفان سافٽويئر کي 5 سالن تائين سپورٽ فراهم ڪئي ويندي.