ناري تي تشدد جو نوٽيس، چيف جسٽس رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ عوامي آواز جي خبر کپرو شهر جي ڪاريا ڪالوني ۾ خيرات وٺي گذارو ڪندڙ غريب ناري بنديا لوهار تي تشدد جو نوٽيس وٺي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ۽ ايس ايس پي ۽ کپرو جي ايس ايچ او سان سموري واقعي جي جاچ ڪري 20 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪئي آهي.
ناري تي لٺين ۽ مڪن سان تشددڪيو ويو دانهن ۽ ڪوڪن تي پوليس ۽ پاڙي وارن پهچي اسپتال داخل ڪرايو، هيبت بوزدار ۽ بنديا هڪ پاڙي ۾ رهندا آهن.
ذريعن موجب تي هيبت بوزدار جي دوست کان دوستي نه رکڻ تان ناري تي تشددڪيو .يادرجي ان جي تشددجي وديو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي آهي.