October 26, 2021

وزيراعظم جي ڪوششن باوجود نيوزي لينڊ فيصلو نه ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪوششن ۽ خاطري ڪرائڻ جي باوجود به نيوزي لينڊ دورو ختم ڪرڻ واري فيصلي تان پوئتي نه هٽي.

سڌ سماءَ واري وفاقي زوير فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان نيوزي ليڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ خاطري ڏياري ته نيوزي لينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي ڏني وئي آهي.

فواد چوڌري موجب وزيراعظم عمران خان نيوزي لينڊ جي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته اسان جون انٽيلي جنس ايجنسيز دنيا جي بهتر ايجنسيز ۾ شامل آهن انهن جي راءِ ۾ ٽيم کي ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي.

عمران خان جي ڪوششن جي باوجود به نيوزي لينڊ جي وزيراعظم احتياط کي نظر ۾ رکندي دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.