January 18, 2022

ٽرانسپورٽ انتظاميا عوام لاءِ عذاب بڻيل، اختياريون لاعلم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موٽروي پوليس ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري عوام ڀوڳي رهيو آهي.

پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڳرن ڪراين عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي کان هالا ويندڙ شاليمار ڪوچ مسافرن کان 600 رپيا ڪرايو اوڳاڙڻ لڳي جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ 500 رپيا وصول ڪيو ويندو هو.

ساڳئي ريت حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ڪراچي 300 کان وڌائي 400 سئو رپيا ڪيو ويو آهي، اها ڳالهه ته مڃڻ جوڳي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي پر ٽرانسپورٽن هڪ ڌڪ ۾ 100 رپيا ۽ 50 رپيا وڌائي مسافرن لاءِ عذاب ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته مختلف وقتن ۾ به ٽرانسپورٽن طرفان ڪرايا وڌايا ويا آهن پر پيٽرول قيمتن ۾ لاٿ ٿيڻ تي ڪڏهن به ڪرايو گهٽايو ناهي ويو، مسافرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ خلاف ڪارروائي ڪري ڪرايا گهٽ ڪرايا وڃن.

Follow by Email
YouTube
YouTube