October 26, 2021

پاڪستان امن لاءِ اهم ملڪ آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ سان بحران پيدا ٿيندا: عمران خان

دوشنبي (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان افغانستان جي خودمختياري جو احترام ڪيون ٿا، جيڪڏهن دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته مختلف بحران پيدا ٿيندا.

شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ويهين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته خطي کي ڪيترائي چيلينج آهن، اسان کي سمورا مسئلا گڏجي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مضبوط مواصلاتي نظام سان خطي ۾ هاڪاري اثر پوندا.

هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري سڄي دنيا جو معيشتون تباهه ٿيون، واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن جي لاءِ ايس سي او اهم فورم آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ دنيا جو هيلٿ سيڪٽر مقابلو نه ڪري سگهيو، اسان ڪورونا جي صورتحال ۾ صحت سان گڏ معاشي صورتحال تي به نظر رکي، پاڪستان دنيا سان گڏجي ڪورونا خلاف ڪردار ادا ڪندو رهندو.

عمران خان چيو ته دنيا لاءِ ماحولياتي تبديلي ٻيو وڏو چيلينج آهي، ماحولياتي تبديلي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو.

پاڪستان جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان دنيا ۾ دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍيو ويندو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ معاشي نقصان سان گڏ اسان جا 10 لک ماڻهو متاثر ٿيا.

افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان هن وقت سڄي دنيا جي ڌيان جو مرڪز آهي، پوئين افغان حڪومت 75 سيڪڙو غير ملڪي امداد تي هلي رهي هئي، طالبان افغانستان جو رتوڇاڻ جي بنا ڪنٽرول حاصل ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اڄ افغان جي عوام کي همدردي جي بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، هي دنيا جو افغانستان سان گڏجي بيهڻ جو وقت آهي، افغانستان ۾ انساني همدردين جي بنياد تي ڪم ٿيڻ گهرجي، اهو مسئلو به سڀني کي گڏجي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اهڙو سياسي ڌانچو هجڻ گهرجي جنهن ۾ سڀني گروپن جي نمائندگي هجي، طالبان کي سياسي استحڪام سان گڏ عوام جو ڀروسو کٽڻو پوندو.

عمران خان وڌيڪ چيو ته افغانستان اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪير به ٻاهر ويهي حڪومت نٿو ڪري سگهي، انکي پنهنجي حال تي به نٿو ڇڏي سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ وارو اهم ملڪ آهي، اسان افغانستان بابت سدائين هڪجهڙو موقف رکيو آهي، افغانستان ۾ طالبان جي نگران حڪومت اچي چڪي آهي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته مختلف بحران پيدا ٿيندا، پاڪستان سمجهي ٿو ته افغان عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري.