October 26, 2021

افغانستان: عورتن واري وزارت، وزارتِ اخلاقيات ۾ تبديل

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) طالبان عورتن جي وزارت کي اخلاقيات واري وزارت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب عورتن واري وزارت جي عمارت تي نئين وزارت جو بورڊ لڳايو ويو آهي.

نئين لڳايل بورڊ تي” عبادت ۽ رهنمائي، ڀلائيءَ کي هٿي ۽ برائيءَ کان پاسو“ لکرايو ويو آهي.

خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي هفتن کان ڪم تان واپس وڃڻ جي خواهشمند عورتن کي گهر موڪليو ويو آهي. جنهن بعد هڪ عورت ملازم جو چوڻ آهي ته عمارت جي دروازي تي آخرڪار اڄ تالا لڳايا ويا آهن.

خابرو اداري موجب ان حوالي سان طالبان ترجمان طرفان هن وقت تائين ڪو به جواب ناهي ڏنو ويو.