November 28, 2021

بهترين ڪيمرا رزلٽ وارو دنيا جو سستو ترين فون متعارف

هونئن ته ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته جديديت ماڻهن کي حيران ڪندڙ حدون پار ڪرائي چڪي آهي.

تنهن هوندي به مختلف وقتن ۾ ٽيڪنالاجي ۾ نواڻ ۽ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي عام ماڻهن جي استعمال لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

اهڙي ئي حوالي سان ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ تمام ٿوري وقت ۾ پنهنجو نالو ڄمائيندڙ چيني ڪمپني ريئل مي طرفان دنيا جي سستي ترين 50 ميگا پڪسل فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ڪمپني طرفان متعارف ڪرايل سمارٽ فون جا فيچرز ۽ قيمت به ٻڌايا ويا آهن.

ريئل مي جي 50 ميگا پڪسل ڪيميرا فون سي 5 واءِ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ يوني ايس او سي تي 610 پراسيسر ڏنو ويو آهي، جيڪا اوڪٽا ڪور سي پي يو آهي، جنهن ۾ تمام ڪورز 1.8 گيگا هرٽز جون آهن.

فون ۾ 6.5 انچ جو ايڇ ڊي پلس ڊسپلي ڏنو ويو آهي ۽ نوچ ڊسپلي ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪل آهي جنهن ۾ اي آءِ بيوٽي فيچر به موجود آهي.

فون ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ريئل ۾ سي 5 واءِ ۾ 5000 ايم اي اڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي پٺيان ٽن ڪيميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جو مک ڪيميرا 50 ميگا پڪسل جو آهي.

اهڙي ئي ريت 2 ميگا پڪسل بليڪ ۽ وائيٽ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا به ان سيٽ اپ جو حصو آهن.

ان فون کي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن جو 64 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل جي قيمت 150 ڊالر (25 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) جڏهن ته 128 جي بي اسٽوريج وارو فون 163 ڊالر (27 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) رکي وئي آهي.